SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پوتر اتحاد


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پوتر اتحاد

Holy Alliance

هولي الائنس

يورپ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي خيال کان هي نظريو 1815ع ۾ ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ روس جي شهنشاهه اليگزينڊر سڀ کان پهرئين خيال پيش ڪيو ته جيڪڏهن يورپي ملڪن جا سياسي سربراهه عيسائيت جي بنياد تي هڪ ٻئي سان ڪاروهنوار رکن، ته سندن وچ ۾ جنگين کي ٽاري سگهجي ٿو. ان کان علاوه هن تصور مطابق اهو به چيو ويو هو ته جيڪڏهن يورپ جا شهزادا پنهنجي رعايا سان اولاد وانگر هلن ته عوام انهن خلاف بغاوت نه ڪندا. حقيقت ۾ ان اتحاد قائم ڪرڻ جو مقصد يورپ ۾ سياسي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ، اخلاقي قدرن کي بين الاقوامي سفارتي تعلقات ۾ شامل ڪرڻ هيو. هي اتحاد برطانيه جي مخالفت سبب ڪامياب ٿي نه سگهيو. هن اتحاد ۾ برطانيا، روس، آسٽريا ۽ پروشيا شامل هُئا. اتحاد کي ”چار- ڌُريو“ اتحاد (Quadruple Alliance) به سڏيو ويندو آهي. هن اتحاد جو بُنيادي تصور روس جي بادشاهه ’زار اليگزينڊر‘ ڏنو. اتحاد جي پهرين ڪانگريس ’اليڪس لاشپل‘ (1819ع) ۾ منعقد ٿي، بعد ۾ ٽراپائو ڪانگريس (1820ع) ليباخ ڪانگريس (1821ع) ۽ ويرونا ڪانگريس (1822ع) پڻ ان سلسلي ۾ منعقد ٿي. آخرڪار 1825ع ۾ زار اليگزينڊر جي موت سان گڏ هيءُ اتحاد ختم ٿي ويو


Remember Me Also:

مٽڪو

مَٽِڪو جمع مَٽِڪا

ذ . (سن. ماٽِيڪَ= مَٽ). مَٽُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal